سکر:(ن س) سکر واسي جوڙو ڀارتي شهر ممبئي ۾ مبينا قتل،سنجي ڪمار ۽ زال سپنا جا لاش گهر ۾ پيل مليا، رپورٽ موجب 6 مهينا اڳ سنجي ڪمار ڀارت ويو هو جتي هو ڀارتي شهر ممبئي ۾ رهائش پذير هو، سنجي ٻن ٻارڙن کي اسڪول ڇڏي گهر ۾ آيو.ان ڏس ۾ مقتولا سپنا جي ڀاء وجئي ڪمار الزام هنيو آھي ته جوابدار سنجي ڪمار ڀيڻ تي تشدد ڪندو هو، اڄ ٻارڙن کي اسڪول موڪلي گهر اچي چاقن جا وار ڪري ڀيڻ سپنا کي قتل ڪيو سپنا کي قتل ڪرڻ بعد پاڻ به آپگهات ڪري ڇڏيو آهي،اسڪول ويل ٻارڙا ڪبير ۽ هتيش گهر آيا ته دروازو نه کولڻ تي پاڙي وارن ڏٺو ته گهر ۾ سپنا ۽ سنجي قتل ٿيل آهن۔قتل واقعي جو اطلاع ملڻ تي مقتولا سپنا جي گهر ۾ ڪهرام متل آھي۔مقتولا جي وارثن پاڪستاني سفارت خاني انتظاميا کان مطالبو ڪيو آھي ته قتل واقعي جي شفاف جاچ ڪرائڻ سميت مقتولا جو مڙھ ۽ ٻارڙا اسان جي حوالي ڪيا وڃن.










