ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)متحده قومي موومينٽ (ايم ڪيو ايم) پاڪستان جي مرڪزي اڳواڻ ڊاڪٽر فاروق ستار چيو آهي ته هو لياقت آباد ۾ ايم ڪيو ايم جي ڪارڪنن تي قاتلانه حملي جي سخت مذمت ڪري ٿو.هڪ بيان ۾ هن چيو ته ايم ڪيو ايم جي ڪارڪنن تي بزدلاڻو حملو شهر جي امن کي خراب ڪرڻ جي سازش آهي.ڊاڪٽر فاروق ستار چيو ته قانون لاڳو ڪندڙ ادارا دهشتگردن کي فوري طور تي انصاف جي ڪٽهڙي ۾ آڻين.ايم ڪيو ايم اڳواڻ چيو ته هو زخمي ٽائون ميمبر عديل ۽ جوائنٽ يوسي انچارج مصطفيٰ جي جلد صحتيابي لاءِ دعاگو آهي. هن فون تي زخمي ڪارڪنن جي خاندانن سان ملاقات ڪئي ۽ انهن کي هر ممڪن تعاون جو يقين ڏياريو.










