سکر(بيورورپورٽ) سکر بيراج جي ويجهو ڪينال مان هڪ اڻڄاتل عورت جو لاش هٿ آيو جنهن کان پوء چئن ڏينهن ۾ مليل لاشن جو انگ ڇهه ٿي ويو آهي.ان سلسلي ۾ سکر سٽي پوائنٽ باءِ پاس جي ويجهو رائس ڪينال مان لاش هٿ ڪيو ويو آهي. اطلاع جي باوجود ڪيترائي ڪلاڪ گذرڻ باوجود پوليس لاش کي نه کڻايو جنهن سبب ڪئنال مان هٿ ڪيل ڪپڙن کان آجي لاش جي ڪيترن ئي ڪلاڪن تائين بي حرمتي ٿيندي رهي. بعد ۾ ، ريسڪيو ذريعن پوليس سان گڏ موقعي تي پهچي لاش کي تحويل ۾ ورتو ۽ ايڌي ايمبولينس ذريعي پوسٽ مارٽم لاءِ اسپتال منتقل ڪيو ويو. واضح رهي ته ٻه ڏينهن اڳ به هڪ عورت جي لاش ان ئي ڪينال مان هٿ ڪيو ويو هو، جنهن کانپوء ڪئنال ۽ درياھ مان هٿ آيل لاشن جو گذريل چئن ڏينهن ۾ انگ ڇهه ٿي ويو آهي۔










