ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)ڪراچي ايئرپورٽ جي رن وي جي تعمير نو جو ڪم 33 سيڪڙو مڪمل ٿي چڪو آهي.پاڪستان ايئرپورٽس اٿارٽي (پي اي اي) جي عملدارن موجب، درآمد ٿيل ايئر فيلڊ لائٽنگ سامان جي پهرين کنسائنمينٽ ايئرپورٽ تي پهچائي وئي آهي.آفيسرن چيو ته انهن سامان سان لاڳاپيل انجنيئرن کي ٻاهرين ملڪن ۾ تربيت پڻ ملي آهي. 8.3 ارب رپين کان وڌيڪ جي ماليت جو هي منصوبو جولاءِ 2024 ۾ شروع ٿيو.پي اي اي عملدارن چيو ته منصوبي جي مطابق جنوري 2026 ۾ مڪمل ٿيڻ جو امڪان آهي.










