اي اين ايف جي ڪارروائي، چرس،مارفين ۽ هيروئن هٿ

اي اين ايف جي ڪارروائي، چرس،مارفين ۽ هيروئن هٿ

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) اينٽي نارڪوٽڪس فورس جي ترجمان چيو ته اي اين ايف پشين ۽ قلعه سيف الله ۾ ڪارروائي ڪئي.ترجمان موجب، پشين جي خانوزئي علائقي ۾ ڪارروائي دوران هڪ گاڏي مان 30 ڪلوگرام چرس هٿ ڪئي وئي جڏهن ته 3 شڪي ماڻهن کي گرفتار ڪيو ويو.هن چيو ته گرفتار شڪي ماڻهن خلاف نارڪوٽڪس ڪنٽرول ايڪٽ تحت ڪيس داخل ڪيو ويو آهي.ترجمان چيو ته قلعه سيف الله جي يڪرمري علائقي ۾ ڪارروائي دوران 141 ڪلوگرام مورفين ۽ 147 ڪلوگرام هيروئن هٿ ڪئي وئي.هن چيو ته منشيات قلعه سيف الله ۾ اسمگلنگ لاءِ لڪايو ويو هو.

پهنجو تبصرو موڪليو