حڪومت کي قومپرستن ۽ علحدگي پسندن م فرق ڪرڻ گهرجي

حڪومت کي قومپرستن ۽ علحدگي پسندن م فرق ڪرڻ گهرجي

ڪراچي (رپورٽر) درياءَ سنڌ بچايو ڪاميٽي ۽ جي ڊي اي جو اهم اجلاس فنڪشنل ليگ هائوس جي ڊي اي جي چيف ڪوآرڊينيٽر سيد صدرالدين شاهه راشدي جي صدارت هيٺ ٿيو. اجلاس کي خطاب ڪندي جي ڊي اي جي چيف ڪوارڊينيٽر سيد صدرالدين شاھ راشدي چيو ت حڪومت کي قومپرستن ۽ علحدگي پسندن م فرق ڪرڻ گهرجي.ھن چيو ت “اسان کي ڪنهن کان ب محب وطن هجڻ جو سرٽيفڪيٽ وٺڻ جي ضرورت ناهي. اسانجي خاندان اسلام ۽ پاڪستان لاءِ وڏيون قربانيون ڏنيون آهن.”اجلاس م سنڌ جي اڳوڻي وڏي وزير ڊاڪٽر ارباب غلام رحيم، ڊاڪٽر صفدر عباسي، سردار عبدالرحيم، حسنين مرزا، سيد منير حيدر شاهه، رياض چانڊيو، عبدالرزاق راهيمون، شاهنواز جتوئي، جگديش آهوجا، حسام مرزا، فرحان لاڙڪ، سيد صالح محمد شاهه، منير نائچ ۽ ٻين اڳواڻن شرڪت ڪئي.اجلاس کي خطاب ڪندي سيد صدرالدين شاهه راشدي وڌيڪ چيو ته سنڌ طاس معاهدي کي ختم ڪرڻ جون ڀارتي ڌمڪين درياءَ سنڌ بچايو تحريڪ جي اهميت کي وڌيڪ وڌائي ڇڏيو آهي. ھن چيو ت مورو جو پرتشدد واقعو سنڌ حڪومت جي نااهلي جو ثبوت آهي، جنهن جي اسان مذمت ڪيون ٿا. هن مطالبو ڪيو ت “جي ڊي اي اڳواڻ مير غلام مرتضيٰ جتوئي، مسرور خان جتوئي ۽ ٻين جماعتن جي اڳواڻن ۽ ڪارڪنن تي داخل ٿيل ڪوڙا ڪيس ختم ڪيا وڃن ۽ مورو سانحي جي جاچ لاءِ هڪ اعليٰ عدالتي ڪميشن جوڙي وڃي. اجلاس ۾ درياءَ سنڌ بچايو تحريڪ عيد کانپوءِ سنڌ جي مسئلن جي حل لاءِ هلندڙ تحريڪ کي وڌيڪ تيز ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو.سيد صدرالدين شاھ راشدي ڪراچي واسين کي اپيل ڪئي ته پنهنجي بھتر مستقبل خاطر جي ڊي اي جو ساٿ ڏين.اجلاس ۾ اهو به فيصلو ڪيو ويو ته عيد کانپوءِ سنڌ جي هر ضلعي ۾ ورڪرز ڪنوينشن منعقد ڪيا ويندا.

پهنجو تبصرو موڪليو