چڪ ۾ مهر جتوئي تڪرار، 2 ڄڻا قتل ، هڪ زخمي

چڪ ۾ مهر جتوئي تڪرار، 2 ڄڻا قتل ، هڪ زخمي

چڪ (رپورٽ اظھارعلي سيٺار) چڪ ڀرسان مهر ء جتوئي تڪرار ۾ ماٺ نه اچي سگهي ،دل ڳوٺ تي هٿياربندن جي چڙهائي ،مهر برادريء جي ٻن ڄڻن کي اغوا بعد گوليون هڻي بيدرديء سان قتل ڪري ڇڏيو ،هڪ ڄڻو زخمي ،دل ڳوٺ ٻاهران عصر جي ٽائم نماز پڙهڻ لاء پهتل مهر برادريء جي ٽن ڄڻن عمر فاروق ،ظهير ء محمد خان مهر کي هٿيارن جي زور تي اغوا ڪري ويا ،هٿياربند ڳوٺ ٻاهران ٽنهي ڄڻن کي گوليون هڻي فرار ٿي ويا ،ٻه ڄڻا عمر فاروق ء محمد خان مهر موقعي تي قتل ٿي ويا ،ظهير مهر زخمي ٿي پيو جنهن کي وارثن سکر جي اسپتال منتقل ڪري ڇڏيو ، واقعو مهر ء ڪرسي تڪرار تان پيش آيو (پوليس) (تفصيل موجب) چڪ ڀرسان مهر ء جتوئي برادريء ۾ هلندڙ تڪرار ۾ ماٺ نه اچي سگهي ،دل ڳوٺ تي هٿياربندن چڙهائي ڪري مسجد ۾ عصر جي ٽائم نماز پڙهڻ لاء آيل مهر برادريء جي ٽن ڄڻن کي يرغمال ڪري اغوا ڪري کڻي ويا ،هٿياربندن ڳوٺ ٻاهران ٽنهي ڄڻن عمر فاروق پٽ احمد الدين مهر ،ظهير پٽ قائم الدين مهر ۽ محمد خان پٽ غلام شبير مهر کي گوليون هڻي فائرنگ ڪندا فرار ٿي ويا ،اطلاع بعد ٻنهي ڌرين جي هٿياربندن وچ ۾ ڪيترائي ڪلاڪ فائرنگ جاري رهي ،ٽنهي ڄڻن مان ٻه ڄڻا عمر فاروق پٽ احمد الدين مهر ء محمد خان پٽ غلام شبير مهر موقعي تي گوليون لڳڻ سبب قتل ٿي ويا ،جڏهن ته هڪ ڄڻو ظهير پٽ قائم الدين مهر سخت زخمي ٿي پيو جنهن کي سکر جي هڪ نجي اسپتال منتقل ڪيو ويو جتي نوجوان جو علاج هلندڙ آهي جڏهن ته ڊاڪٽرن پاران حالت نازڪ ٻڌائي پئي وڃي ،ٻئي طرف ٻنهي ڌرين جي هٿياربندن وچ ۾ ڪيترن ڪلاڪن تائين فائرنگ جاري رهي ،پوليس موجب واقعو مهر ء جتوئي ڪرسي تڪرار تان پيش آيو آهي ٻئي طرف مارجي ويل ٻنهي ڄڻن جا لاش لکي غلام شاه اسپتال مان پوسٽ مارٽم ء ضروري ڪارروائي بعد وارثن حوالي ڪيا ويا ،ٻنهي ڄڻن جا لاش هٿيارن جي ڇانو ۾ ڳوٺ جي قبرستان ۾ دفن ڪيا ويا ،جڏهن ته واقعي جو ڪيس داخل نه ٿي سگهيو ،ياد رهي ته ڪرسي جتوئي برادريء جي فائرنگ ۾ مهر برادريء جو نوجوان قتل ٿي ويو هو جنهن کان پوء ٻنهي ڌرين ۾ جهيڙو هلندڙ هو ء هڪ دفعو ٻنهي ڌرين وچ ۾ فيصلو به ٿي چڪو آهي پر فيصلي تي عمل نه ٿيڻ سبب وڌيڪ ماڻهون قتل ٿي رهيا آهن .

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو