ڪراچي (ويب ڊيسڪ)ملڪ جي اڪثر علائقن ۾ اڄ به موسم گرم آهي، جڏهن ته سنڌ ۽ بلوچستان جا ڪيترائي ضلعا انتهائي گرم رهڻ جو امڪان آهي.موسميات کاتي موجب نوابشاهه ۾ گرمي پد 47 ڊگري سينٽي گريڊ، سکر ۾ 45، حيدرآباد ۾ 44 ۽ ڪراچي ۾ 39 ڊگري سينٽي گريڊ رهڻ جو امڪان آهي.لاهور ۾ گرمي پد 41، پشاور ۾ 39، ملتان ۾ 43 جڏهن ته ڪوئيٽا ۾ وڌ ۾ وڌ گرمي پد 32 ڊگري سينٽي گريڊ تائين پهچڻ جو امڪان آهي.ان کان علاوه، بلتستان، ڪشمير ۽ آس پاس جي جبلن وارن علائقن ۾ ڪڏهن ڪڏهن مينهن پوڻ جو امڪان آهي.










