ٺٽو(ن س) جهرڪ ويجهو ويران ٻيلي ۾ هٿيارڀندن جي حملي ۾ کوسا برادري جون 2 عورتون مارجي ويون 2 ڄڻا زخمي خبر موجب هٿياربندن ويران ٻيلي ۾ رهندڙ کوسا برادري جي گهرن تي ڪاھ ڪري ڏني فائرنگ جي نتيجي ۾ 2 عورتون ماءُ ۽ ڌيءَ مارجي ويون،هٿياربندن جي فائرنگ ۾ غلام دين کوسي جي گهرواري رضيه ۽ سندس نوجوان شادي شده ڌيءَ عزيزا زال غلام مصطفيٰ کوسو مارجي ويون آھن هٿياربندن جي حملي ۾ غلام دين کوسو ۽ غلام مصطفيٰ کوسو زخمي ٿي پيا آھن هٿياربند حملي کانپوء فرار ٿي ويا پوليس مارجي ويل ٻنهي عورتن جا لاش پوسٽ مارٽم لاء کڻائي سول اسپتال ٺٽو مان پوسٽ مارٽم ڪرڻ کانپوءِ لاش وارثن حوالي ڪيا ويا. ذريعن موجب کوسا برادري جي ٻن ڌرين ۾ سڱاوتي معاملي تان تڪرار هلندڙ ھو علي آباد ڄامشوري ضلعي سان تعلق رکندڙ هڪ ڌر جي هٿياربندن حملو ڪري فائرنگ ڪري ٻنهي عورتن کي قتل ڪري فرار ٿي ويا. مقتول عورتن جو اصل ڳوٺ علي آباد ڄامشورو آھي. پوليس موجب وارث لاش دفنائڻ کانپوءِ سڀاڻي پھچي ايف آء آر داخل ڪندا ۽ معاملي جي مختلف رخن کان جانچ ھلندڙ آھي










