معصوم ٻارڙن ۾ پوليو جو شڪ ظاهر ،گهر ڌڻي پريشان

معصوم ٻارڙن ۾ پوليو جو شڪ ظاهر ،گهر ڌڻي پريشان

ٽنڊو غلام حيدر ( ن س) يونين ڪائونسل صوڀو خان چانڊيو جي ڳوٺ حاجي گلڻ رند ۾ 3 معصوم ٻارڙن ۾ پوليو جو شڪ ظاهر مائٽ پريشانين ۾ مبتلا، ٽنڊو غلام حيدر جي ڳوٺ حاجي گلڻ رند ۾ ٻن معصوم ڀائرن نصحيب ۽ نسيم پٽ ستار کي پوليو جي تصديق ٿي وئي آهي، جڏهن ته ٻين ڪيترن ئي ٻارڙن ۾ پڻ پوليو ٿيڻ جو شڪ ظاهر ڪيو ويو آهي. ڳوٺاڻن سجاد رند، دائود رند ۽ مؤمن رند جو چوڻ آهي ته ڊاڪٽرن جي ٽيم واضح جواب نٿي ڏي ڪڏهن چون ٿا ته پوليو آھي ڪڏهن چون ٿا ته خطري جي اهڙي ڪابه ڳاله ناهي ڳوٺاڻن چيو ته اسان جي معصوم ٻارڙن جون زندگيون داء تي لڳل آھن فوري طور ڳوٺ ۾ ماهر ڊاڪٽرن جون ٽيمون موڪلي معصوم ٻارڙن جي طبعي چڪاس ڪرائي سندن علاج ڪرائي ڏنو وڃي ڳوٺاڻن جو وڌيڪ چوڻ آھي ته اسان جي پوري ڳوٺ ۾ 400 کان وڌيڪ ٻارڙا رهائش پذير آهن، جن جي صحت لاءِ ڳڻتي وڌي وئي آهي.ڳوٺاڻن جو مطالبو آهي ته: “فوري طور تي پوليو ٽيم ٻيهر موڪلي وڃي، صحيح جاچ ڪرڻ بعد متاثر ٻارڙن جو علاج ڪيو وڃي! اهي معصوم ٻارڙا اسان سڀني جا آهن ــ سندن تحفظ ۽ علاج لاءِ آواز اٿارڻ هر انسان جو فرض آهي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو