لاڙڪاڻو (ن س )لاڙڪاڻي ۾ خيرپور روڊ تي لاڙڪاڻي سيشن جج جي اسڪواڊ تي فائرنگ ۾ هڪ پوليس اهلڪار مارجي ويو.پوليس موجب فائرنگ ۾ اسڪواڊ ۾ شامل 2 اهلڪار پڻ زخمي ٿي پيا آهن.پوليس جو چوڻ آهي ته سيشن جج سکر کان لاڙڪاڻي واپس اچي رهيو هو ته اهو واقعو ٽنڊي مستي پوليس اسٽيشن جي حد ۾ پيش آيو.










