نيشنل هاءِ وي تي بجلي جي بندش خلاف احتجاج

نيشنل هاءِ وي تي بجلي جي بندش خلاف احتجاج

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)ڪراچي ۾ قائد آباد ويجهو نيشنل هاءِ وي تي بجلي جي بندش خلاف 10 ڪلاڪن کان احتجاج جاري آهي.10 ڪلاڪن کان جاري ڊگهي احتجاج جي ڪري قائد آباد کان ملير هالٽ تائين نيشنل هاءِ وي تي گاڏين جون ڊگهيون قطارون لڳي ويون آهن.احتجاج جي ڪري نيشنل هاءِ وي تي وڏي ٽرئفڪ به ڦاسي پئي آهي.پوليس موجب احتجاج ختم ڪرڻ لاءِ مظاهرين ۽ پوليس آفيسرن وچ ۾ ڳالهيون ناڪام ٿي ويون آهن.ٻئي طرف احتجاج جي ڪري قرباني جا جانور خريد ڪندڙ ماڻهو به ٽريفڪ ۾ ڦاسي پيا.

پهنجو تبصرو موڪليو