ڪراچي ۾ ٽرالر جو موٽرسائيڪل کي ٽڪر، 2 عورتون فوت

ڪراچي ۾ ٽرالر جو موٽرسائيڪل کي ٽڪر، 2 عورتون فوت

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)ڪراچي ۾ ايم 9 موٽر وي تي ٽرالر جي موٽرسائيڪل سان ٽڪرائجڻ سبب ٻه عورتون فوت ٿي ويون. ريسڪيو ذريعن موجب، حادثو تيز رفتاري سبب پيش آيو. حادثي ۾ هڪ شخص ۽ ٻه ٻار زخمي پڻ ٿيا. پوليس جو چوڻ آهي ته ٽرالر کي تحويل ۾ ورتو ويو آهي جڏهن ته ڊرائيور موقعي تان فرار ٿي ويو. ٻئي طرف نيو ڪراچي ۾ فائرنگ جي نتيجي ۾ عورت سميت ٻه ماڻهو زخمي ٿي پيا.پوليس جو چوڻ آهي ته فائرنگ جو واقعو هڪ ريسٽورنٽ ۾ ٿيو، ۽ ريسٽورنٽ مالڪن کي اڳ ۾ ئي الائونس سلپس ملي چڪيون آهن.پوليس موجب، فائرنگ ۾ هڪ عورت راهگير ۽ هڪ نوجوان زخمي ٿيا آهن. مالڪن خلاف ڪيس داخل ڪيا ويا آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو