ڳڙهي خيرو (ن س )ڳڙهي خيرو ۾ هٿياربندن جي فائرنگ ۾ خانگي ٽي وي جو رپورٽر شھيد ٿي ويو، پوليس موجب جوابدار عبدالحسين عمراني پنهنجي ساٿين سان گڏ صحافي جي گهر پهتو، ڳالھائيندي ڳالھائيندي اوچتو فائرنگ شروع ڪري ڏني، جنهن جي نتيجي ۾ صحافي موقعي تي ئي شھيد ٿي ويو شھيد ٿيل صحافي سيد محمد شاهه، ابتڪ نيوز” سان لاڳاپيل هجڻ سان گڏ، پريس ڪلب ڳڙھي خيرو جو صدر پڻ رهي چڪو ھئو










