شڪارپور (ن س) ايس ايس پي شڪارپور شاھزيب چاچڙ پنهنجي نگرانيءَ ۾ پاڪستان رينجرز (سنڌ) ۽ حساس ادارن سان گڏجي ڳڙھي تيغو ڪچي واري علائقي ۾ جاري ٽارگيٽڊ آپريشن جي دوران ڏوھارين جو گهيرو تنگ ڪيو ويو، جنهن ۾ شڪارپور پوليس، سنڌ رينجرز ۽ حساس ادارن جي گڏيل انٽيليجنس جي بنياد تي ڪيل ٽارگيٽيڊ آپريشن دوران، پوليو مهم ۾ ورڪر سنجي اوڏ کي صرف ٻن ڪلاڪن اندر خيرخيريت سان بحفاظت بازياب ڪرايو ويو آھي، تفصيل موجب: ڳڙهي تيغو جي ڪچي علائقي مان نامعلوم هٿياربند ڏوھارين سنجي اوڏ کي اغوا ڪيو ويو، جڏهن هو پوليو مهم جي ڊيوٽي سرانجام ڏئي رهيو هو انهيءَ دوران اغوا جي اطلاع ملندي ئي ايس ايس پي شڪارپور شاهزيب چاچڙ، ونگ ڪمانڊر رينجرز ۽ ٻين قانون لاڳو ڪندڙ ادارن گڏجي ڪچي علائقي ۾ ٽارگيٽڊ آپريشن شروع ڪيو انهيءَ دوران انٽيليجنس بيسڊ آپريشن دوران اغوا ٿيل پوليو ورڪر کي ڳڙھي تيغو جي ڪچي علائقي مان کيس بحافظت بازياب ڪرايو ويو. ان موقعي تي ايس ايس پي شاهزيب چاچڙ چيو ته “پوليو مهم خلاف ڪنهن به قسم جي رڪاوٽ يا مجرمانه حرڪت کي برداشت نه ڪيو ويندو. اهڙن ڏوهارين خلاف سخت ڪارروائي جاري رهندي.” هن وڌيڪ چيو ته شڪارپور پوليس پوليو مهم جي ڪاميابي لاءِ سيڪيورٽي جا خاص انتظام ڪري رهي آهي ته جيئن پوليو ٽيمون بي خوف ٿي پنهنجو ڪم جاري رکن، عوام جي جان و مال تحفظ ڪرڻ شڪارپور پوليس جي فرض ۾ شامل آھي.










