امن امان قائم ڪرڻ صوبائي حڪومت جي پهرين ترجيح آهي

امن امان قائم ڪرڻ صوبائي حڪومت جي پهرين ترجيح آهي

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) آءِ جي سنڌ غلام نبي ميمڻ چيو آهي ته سنڌ ۾ امن امان جي صورتحال کي بهتر بڻائڻ سنڌ حڪومت ۽ پوليس جي پهرين ترجيح آهي ۽ ان مقصد لاءِ پوليس کي جديد هٿيارن سان ليس ڪرڻ لاءِ صوبائي حڪومت 4.3 بلين ڏنا آهن. ڪراچي ۾ صحافين سان ڳالهائيندي آءِ جي سنڌ چيو ته پوليس جي سگهه وڌائڻ لاءِ جديد هٿيارن جي فراهمي انتهائي ضروري آهي، ڇو ته جڏهن پوليس ڌاڙيلن ۽ ڏوهارين خلاف ڪارروائي ڪندي آهي ته ان جي ردعمل ۾ روڊن تي اچي ڦرلٽ ڪئي ويندي آهي ۽ ويڊيوز وائرل ڪيون وينديون آهن، پر سنڌ پوليس امن امان جي حوالي سان ڪنهن به قسم جو سمجهوتو نه ڪندي. غلام نبي ميمڻ موجب، ڪشمور-ڪنڌڪوٽ، شڪارپور، گهوٽڪي ۽ جيڪب آباد جي ڏوهاري علائقن ۾ پوليس ڪاررواين دوران 88 ڌاڙيل ماريا ويا آهن، جڏهن ته 160 ڌاڙيلن کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪيو ويو آهي، مجموعي طور تي هن وقت تائين پوليس 450 کان وڌيڪ ڌاڙيل گرفتار ڪري چڪي آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو