يوم تڪبير تي پاڪستان دنيا کي ناقابل تسخير قوم هجڻ جو پيغام ڏنو

يوم تڪبير تي پاڪستان دنيا کي ناقابل تسخير قوم هجڻ جو پيغام ڏنو

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)سنڌ جي سينئر وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته 28 مئي 1998 تي پاڪستان دنيا کي پيغام ڏنو ته اسان هڪ خودمختيار ۽ ناقابل تسخير قوم آهيون.يوم تڪبير جي موقعي تي جاري ڪيل پيغام ۾ هن چيو ته اسان پوري قوم کي يوم تڪبير جي مبارڪباد ڏيون ٿا.شرجيل انعام ميمڻ چيو ته يوم تڪبير تي اسان شهيد ڀٽو کي خراج تحسين پيش ڪريون ٿا، جنهن ايٽمي پروگرام جو بنياد رکيو.هن چيو ته شهيد محترمه پنهنجي پيءُ جي ويزن کي اڳتي وڌائيندي ملڪ کي ميزائل ٽيڪنالاجي سان ليس ڪيو.صوبائي وزير چيو ته پاڪستان جي دفاعي نظام جي تعمير ۾ شهيد ڀٽو ۽ شهيد بي بي جو ڪردار ناقابل فراموش آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو