لکي غلام شاھ(ن س) لکي غلام شاھ لڳ چڪ کان سکر ويندڙ ويگن جهان خان ڀرسان منگسي ڪانٽي ويجھو بريڪ فيل ٿيڻ سبب ڪلٽي ٿي کاھي ۾ ڪري پئي.جنهن جي نتيجي ۾ ھڪ ڄڻو چڪ واسي پنجو باگڙي فوت ۽ 5 ڄڻا عمران ڀيو، خالد جاگيراڻي، وحيد هڪڙو ۽ ٻيا زخمي ٿي پيا زخمين کي سکر جي نجي اسپتال داخل ڪيو ويو










