ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي سينئر وزير شرجيل انعام ميمڻ ڪي يو جي (دستور) جي سالياني چونڊن ۾ ڪاميابي حاصل ڪندڙ سڀني نون چونڊيل عهديدارن کي دل جي گهراين سان مبارڪباد ڏني آهي ۽ چيو آهي ته هو نصرالله چوڌري کي صدر ۽ ريحان خان چشتي کي سيڪريٽري طور بنا مقابلي چونڊجڻ تي خاص طور تي مبارڪباد پيش ڪري ٿو.سنڌ جي سينئر وزير ۽ اطلاعات، ٽرانسپورٽ ۽ ماس ٽرانزٽ واري صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو ته پاڪستان، خاص طور تي سنڌ ۾ صحافين ذميوار ۽ اثرائتي صحافت ذريعي جنگ دوران ڀارتي ميڊيا جي غلط پروپيگنڊا جو سخت جواب ڏنو آهي. هن چيو ته جنگ جي حالتن ۾ به، پاڪستان جا ميڊيا هائوسز سچائي ۽ حقيقت تي ٻڌل رپورٽنگ کي اوليت ڏئي پيشيوراڻي صحافت جو مثال قائم ڪيو.سينئر وزير شرجيل انعام ميمڻ وڌيڪ چيو ته سنڌ حڪومت صحافين جي تحفظ ۽ ڀلائي لاءِ ڪيترائي ٺوس ۽ عملي قدم کنيا آهن، جيڪي اڄ قومي سطح تي قابل تقليد مثال بڻجي چڪا آهن. هن چيو ته سنڌ ڪميشن فار پروٽيڪشن آف جرنلسٽس صحافين جي جان ۽ مال جي حفاظت ۽ سندن پيشيوراڻي آزادي کي يقيني بڻائڻ لاءِ قائم ڪئي وئي آهي.شرجيل انعام ميمڻ چيو ته ملڪي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو پاڪستان پيپلز پارٽي جي سنڌ حڪومت صحافين ۽ ميڊيا ڪارڪنن جي تحفظ، آزادي ۽ ڀلائي لاءِ جامع قانون سازي ڪئي آهي. هن چيو ته جرنلسٽس پروٽيڪشن ڪميشن جي قيام ۽ سنڌ اسيمبلي پاران منظور ڪيل قانونن صحافين جي تحفظ کي آئيني ۽ عملي حيثيت ڏني آهي.هن اميد ظاهر ڪئي ته ڪي يو جي (دستور) جي نئين قيادت ذميوار، بهادر ۽ اصول پرست صحافت کي وڌيڪ ھٿي ڏيندي.










