گمبٽ( ن س )گمبٽ ڀرسان خونريز جهيڙو اڄڻ ۽ ڪليري برادري جي تڪرار تان فائرنگ، واٽهڙو سميت 3 ڄڻا قتل، 7 زخمي، خبر موجب : گمبٽ ڀرسان درٻ ميهر شاهه ۾ پراڻي تڪرار تان اڄڻ ۽ ڪليري برادري وچ ۾ ٿيندڙ جهيڙي دوران فائرنگ جي نتيجي ۾ واٽهڙو سميت 3 ڄڻا مارجي ويا، جڏهن ته ٻنهي ڌرين جا 7 ڄڻا زخمي ٿي پيا فائرنگ ۾ مارجي ويلن جي سڃاڻپ سجاد ڪليري، گدا حسين بڙدي (واٽهڙو) ۽ اسلم ولد انور اڄڻ طور ڪئي وئي آهي. زخمين ۾ ڪليري برادري جا اظھار عرف ڪالو ڪليري، غلام مرتضى ڪليري، جڏهن ته اڄڻ برادري جا احسان اڄڻ، علي اڄڻ ۽ هڪ اڻڄاتل شخص شامل آهن اطلاعن موجب مارجي ويل واٽهڙو گدا حسين بڙدي ڳوٺ هچاري بڙدي، سجاد ڪليري ڳوٺ ڪليري ۽ اسلم اڄڻ ڳوٺ غلام اڄڻ جو رهواسي هو. ڪليري برادري جي ماڻهن جو چوڻ آهي ته ٻنهي ڌرين وچ ۾ پراڻي تڪرار بابت صلح جو فيصلو ٿي چڪو هو ۽ واقعي واري ڏينهن ڪليري برادري جا ماڻهو خيرپور ڪورٽ ۾ حاضري لاءِ وڃي رهيا هئا ته درٻ ميهر شاهه وٽ سندن تي حملو ڪيو ويو واقعي کانپوءِ علائقو ميدان جنگ بڻجي ويو پوليس واقعي واري هنڌ پهچي زخمين ۽ لاشن کي گمبٽ جي گمس اسپتال منتقل ڪيو، جتي ضروري ڪارروائي بعد لاش وارثن حوالي ڪيا ويا










