ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ سرڪار عورتن کي اي وي اسڪوٽيز ڏيڻ لاءِ ايندڙ مهيني قرعه اندازی ڪرائڻ جو فيصلو ڪيو آهي۔ هن منصوبي جي پهرئين مرحلي ۾ 1000 عورتن کي اي وي اسڪوٽيز ڏنيون وينديون، جنهن لاءِ سمورا انتظام مڪمل ڪيا ويا آهن. سنڌ جي سينئر وزير ۽ اطلاعات، ٽرانسپورٽ ۽ ماس ٽرانزٽ واري صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ جي صدارت هيٺ ڪراچي ۾ هڪ اعليٰ سطح جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ اي وي ٽيڪسي، اي وي اسڪُوٽيز سميت وڏن ٽرانسپورٽ رٿائن جي ڪم ۾ اڳڀرائي جو تفصيلي جائزو ورتو ويو. شرجيل انعام ميمڻ چيو ته اي وي ٽيڪسي ۽ اسڪُوٽيز نه رڳو نوجوانن لاءِ روزگار جو ذريعو آهن پر اھي عورتن جي چرپر ۽ ماحولياتي بهتري ۾ به اهم ڪردار ادا ڪندا. هن چيو ته حڪومت جون 2025 ۾ عورتن کي اي وي اسڪُوٽيز جي فراهمي سان گڏوگڏ اي وي ٽيڪسي منصوبي تي به ڪم شروع ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي. اجلاس ۾ سيڪريٽري ٽرانسپورٽ اسد ضامن، ايم ڊي ايس ايم ٽي اي ڪمال دایو، سي اي او ٽرانس ڪراچي فواد غفار سومرو، پروجیڪٽ ڊائريڪٽر يلو لائن ضمير عباسي ۽ ٻيا آفيسر شريڪ ٿيا. پروجيڪٽ ڊائريڪٽر يلو لائن اجلاس کي ٻڌايو ته يلو لائن بي آر ٽي منصوبي جو اهم حصو ڄام صادق پل مقرر وقت سيپٽمبر 2025 کان اڳ جون 2025 ۾ مڪمل ڪيو ويندو. ڊيپو 1 ۽ ڊيپو 2 جي تعمير پڻ تيزي سان جاري آهي، ۽ انهن کي وقت کان اڳ مڪمل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي. سي اي او ٽرانس ڪراچي ريڊ لائن بي آر ٽي منصوبي بابت بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ته ڊيپوز، اسٽيشن ۽ بائيو گئس پلانٽ جي تعمير جي حوالي سان ڀرپور ڪم جاري آهي. شرجيل انعام ميمڻ سڀني لاڳاپيل ادارن کي هدايت ڪئي ته رٿائن جي وقت سر ۽ معياري تڪميل کي يقيني بڻايو وڃي ته جيئن شهرين کي جديد، محفوظ ۽ اعتماد جوڳيون سفري سهولتون ملي سگهن۔ هن وڌيڪ چيو ته ڄام صادق پل جي وقت کان اڳ مڪمل ٿيڻ تمام سٺي ڳالهه آهي، پر ٻين رٿائن ۾ به هن تسلسل کي جاري رکڻ ضروري آهي۔ گڏوگڏ سنڌ جي ديهي ۽ شهري علائقن ۾ ٽرانسپورٽ مسئلن جي حل لاءِ گهٽ ۾ گهٽ 500 نئين بسز جي فوري ضرورت تي زور ڏنو ويو. اجلاس ۾ اي وي ٽيڪسي ۽ اسڪُوٽيز رٿائن تي به تفصيلي غور ڪيو ويو. شرجيل انعام ميمڻ ٻڌايو ته گرين لائن بي آر ٽي منصوبي جي انتظام سنڀالڻ کان پوءِ ان جي ڪارڪردگي ۾ نمايان بهتري آئي آهي۔ روزاني سواري جي تعداد 50 هزار کان وڌي 61 هزار ٿي وئي آهي، جيڪا عوام جي اعتماد ۽ سرڪاري پاليسين جي ڪاميابي جو ثبوت آهي. هن چيو ته شهرين هاڻي پبلڪ ٽرانسپورٽ کي ترجيح ڏئي رهيا آهن، جيڪا حڪومت لاءِ ھاڪاري ڳالهه آهي. سينئر وزير شرجيل انعام ميمڻ پاران سمورن لاڳاپيل ادارن کي منصوبن جي مڪمل ٿيڻ ۾ هڪٻئي سان هم آهنگي، شفافيت ۽ مستقل نگراني جي هدايت ڪئي وئي آهي.










