راڻي پور(ن س) درازا شريف قومي شاھراھ تي باب سچل سرمست رح سامهون تيز رفتار ٽرالر جو موٽر سائيڪل کي ٽڪر، ٻه عورتون چيڀاٽجي فوت، هڪ ڄڻو زخمي، ڊرائيور گرفتار، ٽرالر پوليس تحويل، لاش گمس اسپتال مان ضروري ڪاروائي بعد وارثن حوالي، رپورٽ موجب: درازا شريف قومي شاھراھ تي باب سچل سرمست رح گيٽ سامهون تيز رفتار ٽرالر سامھون ھلندڙ موٽر سائيڪل مٿان چڙھي ويو، جنھن جي نتيجي ۾ موٽر سائيڪل سوار ٻه عورتون ٿڏي تي چيڀاٽجي فوت ٿي ويون، جڏھن ته هڪ ڄڻو شديد زخمي ٿي پيو، واقعي واري ھنڌ موجب ماڻھن ۽ راھ ويندڙ زخمي کي اسپتال پھچايو جڏھن ته اطلاع ملڻ پوليس پهچي لاش واقعي واري ھنڌان کڻائي گمبٽ گمس اسپتال منتقل ڪيا، حادثي ۾ فوت ٿي ويل عورتن جي سڃاڻپ صدر جون ڀيٽون جي ڳوٺ پيارو اڄڻ واسي 30 ساله مسمات سائرا خاتون ۽ 40 سالہ مسمات شمائلاہ خاتون اڄڻ طور ٿي آهي، واقعي ۾ زخمي نوجوان جي سڃاڻپ امتياز اڄڻ طور ٿي آهي. ٻڌايو پيو وڃي ته موٽر سائيڪل سوار درگاھ سچل سرمست رح تان زيارت ڪري واپس اچي پنھنجي ڳوٺ وڃي رهيا هئا ته حادثي جو شڪار ٿي ويا، جڏهن ته پوليس موقعي تي ٽرالر ڊرائيور کي گرفتار ڪري ٽرالر کي پنهنجي تحويل ۾ وٺي ڇڏيو آهي، فوت ٿيلن جا لاش اسپتال مان ضروري ڪارروائي بعد وارثن حوالي ڪيا ويا آھن. جيڪي سندن جو آخري رسمون ادا ڪرڻ لاءِ آبائي ڳوٺ کڻائي ويا آھن، جتي سندن جا مڙھ گهر پهچڻ تي ڪهرام مچي ويو، جڏھن ته زخمي امتياز اڄڻ جو علاج ھلندڙ آھي. آخري اطلاعن تائين واقعي جو ڪيس داخل نه ٿي سگهيو آهي.










