ريسڪيو عملو بروقت نھ پھچڻ تي نينگر فوت

ريسڪيو عملو بروقت نھ پھچڻ تي نينگر فوت

ٺٽو(ن س) جھمپير لڳ ڪينجھر ڍنڍ ڪناري ڳوٺ محمد رحيم ماڇي جي رھواسي پورھيت صادق ماڇي جو 5 سالہ معصوم پٽ ياسين ماڇي سول اسپتال مڪلي ۾ ڪراچي اسپتال وڃڻ لاء وقت سر 1122 ايمبولينس نہ ملڻ ڪري سول اسپتال مڪلي ۾ تڙپي تڙپي فوت ٿي ويو. سندس گھر ۾ ڪھرام متل آھي، ان سلسلي ۾ جھمپير لڳ ڪينجھر ڍنڍ ڪناري ڳوٺ محمد الرحيم ماڇي جي رھواسي فوتي ٻارڙي ياسين ماڇي جي وارثن پيء صادق ماڇي ۽ چاچي غلام نبي ماڇي بڌايو تہ 5 سالہ ٻارڙي ياسين ماڇي کي بيماري سبب سول اسپتال مڪلي جي ايمرجنسي وارڊ ۾ کڻي آياسين، جتي ڊاڪٽر ٻڌايو تہ هن ننڍڙي کي ڦڦڙن جو مسئلو آهي، هن کي آڪسيجن جي ضرورت آهي، جيڪا سھوليت اسان وٽ ھتي موجود ناھي، هن جي حالت ڳڻتي جوڳي آھي کيس جلد ڪراچي جناح اسپتال پھچايو. ھنن چيو تہ اسان 1122 ايمبولينس کي ڪال ڪئي تہ چيو ويو تہ ايمبولينس موجود ناھي انتظار ڪريو، ڪافي وقت انتظار ڪرڻ بعد پرائيويٽ ايمبولينس ڪرڻ ويس تہ اسانجو معصوم ٻارڙو ئي تڙپي تڙپي فوت ٿي ويو، ھنن چيو تہ سول اسپتال مڪلي ۾ علاج سميت ايمبولينس جي ڪابہ بھتر سھوليت ميسر ناھي جنھن ڪرر ڪراچي ويندڙ مريض اسپتال توڙي رستي ۾ ئي فوت ٿي وڃن ٿا، ھنن گھر ڪئي تہ 1122 ايمبولينس سروس جون وڌيڪ گاڏيون سول اسپتال مڪلي تي مقرر ڪيون وڃن، جيئن وقت سر مريضن کي وڏين اسپتالن تائين پھچائي انھن جون جانيون ضايع ٿيڻ کان بچائي سگھن. ھنن چيو تہ سندن فوت ٿي ويل معصوم ٻارڙي جو لاش پرائيويٽ ايمبولينس ڪري جھمپير ڳوٺ پھچايو آھي.

پهنجو تبصرو موڪليو