سلطان پور ۾ زميني تڪرار تان ڌرين ۾ جهيڙو،6 ڄڻا زخمي

سلطان پور ۾ زميني تڪرار تان ڌرين ۾ جهيڙو،6 ڄڻا زخمي

سلطانپور (ن س)سلطانپور ڪينٽ ٿاڻي جي حد ڳوٺ ڏگھڙ لغاري ۾ زمين جي مالڪي تان لغاري برادري جي ٻن ڌرين ۾ جهيڙو لٺيون ۽ڪهاڙيون لڳڻ سبب ٻنهي ڌرين جا 6 ڄڻا زخمي،زخمين م ماهي خان لغاري، لطيف، زاهد، عطا حسين لغاري ۽ 2 عورتون شامل جهيڙي دوران هوائي فائرنگ سبب علائقي ۾ ڏهڪاءُ ڳوٺاڻن پاران جهيڙو جو اطلاع ملڻ بعد سلطانپور ڪينٽ ٿاڻي جي پوليس سميت سب ڊويزن پنوعاقل پوليس جا اٽالا واقعي واري هنڌ پهچي ويا، پوليس جهيڙي تي ڪنٽرول بعد زخمين کي علاج لاء ميڊيڪل ليٽر ذريعي تعلقه اسپتال پنوعاقل پھچايو، ٻن زخمين جي حالت ڳڻتي جوڳي ٻڌائي پئي وڃي

پهنجو تبصرو موڪليو