64 ميگا پڪسل ڪيمرا وارو فون ريڊمي 30 ڪي فائيو متعارف

64 ميگا پڪسل ڪيمرا وارو فون ريڊمي 30 ڪي فائيو متعارف

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) شياومي جي نگراني هيٺ رهندڙ ريڊمي پنهنجا 2 نوان فليگ شپ فون متعارف ڪرائي ڇڏيا آهن جنهن ۾ 120 هرٽز ڊسپلي سان گڏ 64 ميگا پڪلس ڪيمرا به ڏني وئي آهي. ريڊمي جي 30 ۽ ريڊمي 30 فائيو ڊيزائن جي لحاظ کان هڪ جهڙا آهن پر پراسيسر مختلف هئڻ کان علاوهه هڪ فرق 4 جي ۽ ٻيو فائيو جي سپورٽ آهي. ان فون جي باري ۾ ليڪس ڪافي عرصي کان سامهون اچي رهي هئي ۽ هاڻي ان کي چين ۾ متعارف ڪرايو ويو آهي. ريڊمي جي 30 فائيو جو پهريون سمارٽ فون آهي جنهن ۾ اسنيپ ڊارگون 765 جي پراسيسر ڏنو ويو آهي جيڪو ان ڊوائيس فائيو جي کي سپورٽ فراهم ڪري ٿو. ان کان علاوهه اينڊرائيڊ 10، 6 جي بي ۽ 8 جي بي ريم ۽ 64 جي بي، 128 جي بي ۽ 256 جي بي اسٽوريج جا آپشن ڏنا ويا آهن. ان فون ۾ 6.67 انچ جي ايل سي پڪسل ريزولوشن سان گڏ ڏنو ويو آهي. فون جي فرنٽ تي پنچ هول ڊيزائن ۾ ڊبل سيلفي ڪيمرا سيٽ اپ ڏنو ويو آهي جنهن ۾ 20 ميگا پڪسل مين ۽ ٻئي ميگا پڪسل ڊيپٿ سنسر موجود آهي. بيڪ تي 4 ڪيمرائن جو سيٽ اپ موجود آهي جنهن ۾ 64 ميگا پڪسل مين ڪيمرا، 8 ميگا پڪسل الٽرا وائيڊ ڪيمرا، 5 ميگا پڪسل ميڪرو ۽ 2 ميگا پڪسل ڊيپٿ سنسر شامل آهن. هي ان ڪمپني جون پهريون فون آهي جنهن ۾ 64 ميگا پڪسل ڪيمرا ڏني وئي آهي. جڏهن ته 4500 ايم اي ايڇ بيٽري سان گڏ 30 واٽ فاسٽ چارجنگ سپورٽ ڏني وئي آهي. ريڊمي ڪي 30 کي 12 ڊسمبر جڏهن ته ڪي فائيو کي جنوري 2020 ۾ چين اندر فروخت لاءِ پيش ڪيو ويندو. ريڊمي ۾ 30 ڪي جي پاڪستان ۾ قيمت 35 هزار رپيا ۽ ريڊمي 30 ڪي فائيو جي قيمت 63 هزار پاڪستاني رپين کان وڌيڪ هوندي.

پهنجو تبصرو موڪليو