ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) جماعت اسلامي سنڌ جي امير ڪاشف سعيد شيخ خضدار بلوچستان ۾ ٿيل دهشتگردي جي واقعي جي سخت مذمت ڪندي ٽن شاگردياڻين سميت 6 معصوم انساني جانين جي ضايع ٿيڻ تي افسوس جو اظهار ڪيو آهي. هن چيو ته معصوم ٻارن کي دهشتگردي جو نشانو بڻائيندڙ پوري انسانيت جا قاتل آهن. دهشتگردي ڪو فرد ڪري، گروهه يا رياست اھا قابل مذمت عمل آهي.هن چيو ته اڌ شهر فوج ۽ ايف سي جي ڇانوڻين سان ڀريل آهي، پوءِ به دهشتگرد شهر جي وچ تائين ڪيئن پهتا؟ سخت سيڪيورٽي هجڻ باوجود اهڙو ھانء ڏاريندڙ واقعو ادارن جي ناڪامي ظاهر ڪري ٿو.هن جو وڌيڪ چوڻ ھو ته بلوچستان ۽ ڪي پي دهشتگردي جي باهه ۾ سڙي رهيا آهن، جڏهن ته سنڌ جا ماڻهو پنھنجي وسيلن تي قبضي ۽ ناانصافين خلاف احتجاج ۾ آهن. پاڪستان صرف هڪ صوبي جو نالو ناهي، پر چئن ئي صوبن جو نالو آهي. صرف الزام لڳائڻ ڪافي ناهي، دشمن جو ڪم ته سازشون ۽ ملڪ کي گھرو ويڙهه طرف ڌڪڻ آهي. سوال اهو آهي ته اسان انهن سازشن کي ناڪام بڻائڻ لاءِ ڇا پيا ڪريون؟هن چيو ته پاڪستان جي ٺھڻ کان وٺي وطن خلاف ٿيندڙ سازشن توڙي بلوچستان ۾ ھاڻوڪي دهشتگردي جي لهر جي پٺيان ڀارت ملوث رهيو آهي. زخمي ۽ شڪست کاڌل ڀارت ڪڏهن به خاموش نه رهندو . هو اسرائيل جي مدد سان اسلامي جمهوريه پاڪستان خلاف سازشون ڪندو رهندو، تنهنڪري اسان کي خبردار رهڻ جي ضرورت آهي.صوبائي امير حڪومت ۽ سيڪيورٽي ادارن کان مطالبو ڪيو ته عوام جي جان ۽ مال جي تحفظ کي يقيني بڻايو وڃي. هن متاثر خاندانن سان همدردي، شهيدن جي بلند درجن ۽ زخمين جي جلد صحتيابي لاءِ دعا ڪئي.#










