مورو ۾ ڪينال مخالف احتجاج ڪندڙن تي پوليس جي فائرنگ

مورو ۾ ڪينال مخالف احتجاج ڪندڙن تي پوليس جي فائرنگ

مورو (ن س ) ڪئنال منصوبي ۽ ڪارپوريٽ فارمنگ لاءِ سنڌ جي زمينن تي والار خلاف پابندي مڙهيل قومپرست جماعت پاران ٿيل احتجاج دوران مظاهرين ۽ پوليس وچ ۾ ڇڪتاڻ پيدا ٿي وئي، جنهن جي نتيجي ۾ فائرنگ ۾ 7 مظاهرين ۽ چئن پوليس اهلڪارن سوڌو 11 ڄڻا  زخمي ٿي پيا آهن، جن مان هڪ جي حالت ڳڻتي جوڳي ٻڌائي پئي وڃي، فائرنگ ۾ زخمي ٿيلن کي تعلقه اسپتال مورو منتقل ڪيو ويو، جتي ٽن زخمين جي  حالت ڳڻتي جوڳي ٻڌائي پئي وڃي، واقعي کان پوءِ مڇريل ماڻهن صوبائي گهرو وزير ضيا لنجار جي گهر تي حملو ڪري ڀڃ ڊاهه بعد گهر کي باهه ڏئي ڇڏي. احتجاج ڪندڙن جو چوڻ آهي ته پوليس پُرامن مظاهري تي سڌي فائرنگ ڪئي، جيڪو افسوسناڪ ۽ غيرقانوني عمل آهي. واقعي کان پوءِ صورتحال وڌيڪ خراب ٿي وئي ۽ مڇريل ماڻهن روڊ بلاڪ ڪري ٽريلرن ۽ ٽرڪن جا شيشا ڀڃي، انهن کي باهه ڏئي ڇڏي. ٻٽون ٻڌل مظاهرين صوبائي گهرو وزير ضياءُ لنجار جي گهر تي حملو ڪري ڀڃ ڊاهه ڪئي ۽ ان کانپوءِ گهر کي باهه ڏئي ڇڏي. فيسبڪ تي وائرل ٿيل ويڊيو ۾ ڏسي سگهجي ٿو ته مڇريل ماڻهن پوليس انسپيڪٽر ۽ پوليس اهلڪارن تي لٺيون وسائي رهيا آهن. پوليس جو چوڻ آهي ته ايس ايڇ او مورو سميت 4 اهلڪار زخمي آهن،ايس ايس نوشهروفيروز سنگهار علي ملڪ مورو پهچي لنجار هائوس ٻاهران سوين پوليس موبائيلون هزارين پوليس اهلڪارن ۽ پڳليس آفيسرن کي مقرر ڪري شهر ۾ ڪنٽرول پڻ سمڀالي ورتو آهي  هوڏانهن ڇڪتاڻ واري صورتحال کانپوء مورو شهر مڪمل شهر شٽر  بند ٿي ويو آهي

گهرو وزير پاران موري واقعي جو نوٽيس، قانون جي رٽ چئلينج ڪندڙن خلاف ڪارروائي جو اعلان
سنڌ جي صوبائي گهرو وزير ضياءَ الحسن لنجار موري ۾ پوليس ۽ مظاهرين وچ ۾ ٿيل چڪرين واري واقعي جو نوٽيس ورتو آهي. جاري ڪيل بيان ۾ گهرو وزير چيو آهي ته امن امان کي نقصان پهچائيندڙ ۽ رياستي قانون جي رٽ کي چئلينج ڪندڙ عنصرن خلاف سخت ڪارروائي ڪئي ويندي. هن چيو ته احتجاج جي آڙ ۾ شهرين جي ملڪيتن کي نقصان پهچائڻ ناقابلِ قبول آهي، اهڙن ماڻهن جي نشاندهي ڪري قانوني قدم کنيا وڃن. گهرو وزير جو چوڻ هو ته رياست جي عملداري بحال رکڻ حڪومت جي ترجيح آهي، ۽ ڪنهن کي به قانون هٿ ۾ وٺڻ جي اجازت نه ڏني ويندي.

پهنجو تبصرو موڪليو