جعلي اڪائونٽ ڪيس ۾ شرجيل جي حفاظتي ضمانت منظور

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ جعلي اڪائونٽ ڪيس ۾ جاچ لاءِ پيش ٿيڻ  کان اڳ شرجيل ميمڻ جي حفاظتي ضمانت منظور ڪري ڇڏي.  عدالت مڪاني ادارن جي اڳوڻي صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ جي هڪ لک رپين جي حفاظتي ضمانت منظور ڪندي کيس 14 ڏينهن ۾ راولپنڊي جي لاڳاپيل عدالت ۾ پيش ٿيڻ جو حڪم ڏنو آهي.  شرجيل ميمڻ  موقف اختيار ڪيو يو ته تازو نيب جي ٽيم کيس جعلي اڪائونٽس ڪيس ۾ ڪال اپ نوٽيس جاري ڪري طلب ڪيو آهي جنهنڪري سندس گرفتاري جو خدشو آهي. درخواستگذار پنهنجي خلاف ڪيس کي قانوني طرح منهن ڏيڻ چاهي ٿو جنهن ڪري سندس حفاظتي ضمانت منظور ڪئي وڃي.

پهنجو تبصرو موڪليو