گاجي کهاوڙ (ن س)گاجي کهاوڙ ڀرسان پيرسن همراه جو لاش هٿ، گاجي کهاوڙ جي ڳوٺ علي بخش چانڊيو ڀرسان زرعي زمين مان پيرسن همراه حاجي سند جو زرعي زمين مان لاش هٿ آيو آهي جيڪو پيرسن ڳوٺ سوني جوئي جو رهواسي آهي، لاٿ کي اک ۾ ڌڪ جا نشان آهن جڏهن ته علائقي واسين لاش ڏسي پوليس ۽ فوتي جي وارثن کي اطلاع ڪيو جنهن بعد وارث پيرسن جو لاش ڳوٺ کڻائي ويا آهن جڏهن ته پوليس ٻڌايو ته پيرسن ڪالهه کان وٺي گم هيو اڄ ان جو لاش هٿ آيو جيڪو لاش وارث ڳوٺ کڻائي ويا آهن ۽ وارث پيرسن جو پوسٽ مارٽم نٿا ڪرائن وارثن ٻڌايو آهي ته پيرسن روزانو زرعي زمينن تي ويندو هيو شام جو واپسي ايندو هيو پر ڪالهه کان وٺي پيرسن گم هيو جنهن جو اڄ لاش زرعي زمين مان مليو آهي.










