ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)سنڌ جي گهرو وزير ضيا لنجار چيو آهي ته ثقافتي ورثي سان ڇيڙڇاڙ يا تبديلي جي ڪڏهن به اجازت نه ڏني وڃي، ضيا لنجار ۽ ثقافت واري وزير ذوالفقار علي شاهه جي گڏيل صدارت ۾ هڪ اجلاس ٿيو جنهن ۾ سيڪريٽري ثقافت خير محمد سنڌ جي ثقافتي ورثي بابت تفصيلي بريفنگ ڏني، سنڌ جي گهرو وزير چيو ته لاڳاپيل پوليس اسٽيشنن ۽ پوليس کي ثقافتي ورثي بابت خط تي فوري ڪارروائي ڪرڻ گهرجي. لوڪ ورثو سنڌ جي تهذيب ۽ ثقافت جي سڃاڻپ آهي، هن چيو ته سنڌ پوليس کي ثقافتي ورثي ۽ ان ۾ شامل قديم عمارتن جي تحفظ کي يقيني بڻائڻ گهرجي، صوبائي وزير چيو ته سنڌ جي تهذيب، لوڪ ورثو ۽ ثقافت گهٽ ۾ گهٽ 5000 سال پراڻي آهي، ان حوالي سان قانون سازي به جلد ڪئي ويندي،ثقافت ۽ سياحت واري وزير چيو ته قديم عمارتن جي تحفظ ۾ سڀني اسٽيڪ هولڊرز کي به ڪردار ادا ڪرڻو پوندو، ۽ لوڪ ورثي جو تحفظ سنڌ پوليس جي سهڪار سان يقيني بڻايو ويندو.










