راول شرجيل جي اڳواڻي ۾ پاڪ فوج جي حق ۾ ريلي

راول شرجيل جي اڳواڻي ۾ پاڪ فوج جي حق ۾ ريلي

حيدر آباد(ن س )سينئر صوبائي وزير اطلاعات شرجيل انعام ميمڻ جي خاص هدايتن تي پاڪستان پيپلزپارٽي جي نوجوان اڳواڻ راول شرجيل ميمڻ جي اڳواڻي ۾ پاڪ فوج جي حمايت ۾ ريلي جو اهتمام ڪيو ويو شرڪت ڪندڙن پاران ريلي ۾ 200 ميٽر ڊگهو پاڪستان جو جهنڊو هتن ۾ کڻي پاڪستان زنده باد جا نعرا هنيا ويا پاڪ فوج پاران ڀارتي جارحيت جو ڪامياب جواب ڏيڻ جي حوالي سان پيپلزپارٽي جي ڪارڪنن ۽ عام ماڻهن پاران راول هائوس راهوڪي کان ٽنڊوجام ٽول پلازه تائين سوين موتر سائيڪلن ۽ ٻين گاڏين تي مشتمل ريلي ڪڍي وئي ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي راول شرجيل میمن چيو ته اسان کي پنهنجي ملڪ جي فوج تي فخر آهي جنهن ڀارتي جارحيت ۽ بزدلاڻي حملي جو دشمن کي اهڙو ته جواب ڏنو آهي جو هاڻي ڀارت وري ڪڏهن به اسان جي ملڪ ڏانهن ميري اک سان نه ڏسي سگهندو هن چيو ٿه پاڪستان امن پسند ملڪ آهي پر جيڪڏهن مٿس جنگ مڙهي وئي ته پوءِ جواب اهڙو ئي ملندو اسان امن پسندي جي خواهش کي اسان جي ڪمزوري تصور نه ڪيو وڇي هن پاڪستان پيپلزپارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زردارر جي ڀارٿ لاءِ موقف جي تائيد ڪئي ۽ چيو ته جتي اسان جي ملڪ جي ڳالهه هوندي اتي اسان ڪنهن به قسم جي قرباني ڏيڻ کان نه ڪيٻائينداسين هن پي ايس 63 ۽ حيدر آباد جي عوام پاران ريلي ۾ شرڪت ڪرڻ تي سندن شڪريو ادا ڪيو ان موقعي عوام جي وڏي انگ پاران پاڪستان ۽ پاڪ فوج جي حمايت ۾ اڀ ڏاريندڙ نعرا هنيا.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو