ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)ايندڙ 24 ڪلاڪن دوران ڪراچي ۾ موسم گرم ۽ خشڪ رهڻ جو امڪان آهي. موسميات کاتي موجب، شهر ۾ وڌ کان وڌ گرمي پد 34 کان 36 ڊگري سينٽي گريڊ تائين پهچي سگهي ٿو. شهر ۾ گهٽ ۾ گهٽ گرمي پد 28.5 ڊگري سينٽي گريڊ رڪارڊ ڪيو ويو. موسميات کاتي جو چوڻ آهي ته ڪراچي ۾ سامونڊي هوائون 15 ڪلوميٽر في ڪلاڪ جي رفتار سان هلي رهيون آهن، جنهن ۾ نمي جو تناسب 79 سيڪڙو آهي.










