ڪچي ۾ رينجرز ۽ پوليس جو گڏيل آپريشن، 7 مغوي بازياب

ڪچي ۾ رينجرز ۽ پوليس جو گڏيل آپريشن، 7 مغوي بازياب

شڪارپور (عبدالخالق سومرو) رينجرز ۽ پوليس جو ڪچي ۾ گڏيل آپريشن، 7 مغوي بازياب. شڪارپور پوليس ۽ رينجرز پاران سکر جي ڪچي واري علائقي شاهه بيلو ۾ ڪامياب ٽارگيٽڊ گڏيل آپريشن دوران 7 مغوي بازياب ڪرايا ويا۔ ايس ايس پي شڪارپور شاهزيب چاچڙ جي اڳواڻيءَ ۾ ڪيل آپريشن دوران ڳوٺ سکيو ملڪ جي رهواسين کي بازياب ڪرايو ويو، جن کي گذريل رات نامعلوم هٿياربند اغوا ڪري ويا هئا۔ بازياب ٿيل مغوين ۾ عزيز، نور محمد، فرمان، شفي محمد، احسان، عبدالمجيد ۽ 4 ورهين جو معصوم سلمان ملڪ شامل آهن۔ ايس ايس پي شڪارپور موجب، رينجرز ونگ ڪمانڊر جي نگرانيءَ هيٺ ٿيل هن آپريشن ۾ هيومن انٽليجنس جي مدد سان مغوين جي تلاش شروع ڪئي وئي، جنهن ۾ ڪاميابي ملي۔ آپريشن دوران ڌاڙيلن جا ڪيترائي ٺڪاڻا تباهه ڪيا ويا ۽ مغوين کي بحفاظت آزاد ڪرايو ويو۔ ملڪ برادري جي وارثن ۽ سول سوسائٽي پاران ايس ايس پي شاهزيب چاچڙ ۽ سندس ٽيم جو شڪريو ادا ڪيو ويو۔ ايس ايس پي شاهزيب چاچڙ جو چوڻ هو ته “هي آپريشن ان وقت تائين جاري رهندو، جيستائين ڌاڙيلن جو مڪمل خاتمو نه ٿي وڃي.

پهنجو تبصرو موڪليو