گمبٽ ۾ هٿياربندن جي فائرنگ، 2 ڄڻا مارجي ويا

گمبٽ ۾ هٿياربندن جي فائرنگ، 2 ڄڻا مارجي ويا

گمبٽ(ن س) گمبٽ قومي شاهراه تي تاج پيٽرول پمپ وٽ جوڻيجا برادري ماڻھن مٿان ھٿياربندن جي فائرنگ جي نتيجي ۾ 2 ڄڻا قتل ٿي ويا آھن جڏھن تہ 2 سخت زخمي ٿي پيا آهن.ھٿياربندن جي فائرنگ ۾ مارجي ويلن جي سڃاڻپ جوڻيجا برادري جي اختيار ۽ جاويد جوڻيجو طور ٿي آھن جڏھن تہ زخين م ھڪ سپاھي فوج عليءَ جوڻيجو، اظھر شاھاڻي ٻڌايو پيو وڃي.گمبٽ پوليس واقعي واري ھنڌ پھچي زخمين ۽ فوتين کي گمبٽ گمس اسپتال منتقل ڪيو آھي پوليس موجب وڌيڪ جاچ ڪري رھيا آھيون تہ واقعو ڪيئن پيش آيو آھي ضروري ڪارروائي بعد واقعي جو ڪيس داخل ڪيو ويندو.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو