ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)ڪراچي ۾ جناح اسپتال ويجهو فائرنگ ۾ هڪ شخص مارجي ويو ۽ پنج زخمي ٿي پيا،فائرنگ جو واقعو ڦر دوران پيش آيو، پوليس جو چوڻ آهي ته مقتول جي سڃاڻپ عمران جي نالي سان ٿي آهي ۽ هو اسپتال جي ٻاهران چانهه پيئڻ لاءِ هڪ هوٽل ۾ ويو هو، ايس ايس پي سائوٿ موجب واقعي ۾ هڪ شخص مارجي ويو ۽ پنج زخمي ٿيا، جڏهن ته فائرنگ ڪندڙ جي سڃاڻپ ظهير جي نالي سان ٿي آهي، پوليس جو چوڻ آهي ته جوابدار ظهير هوٽل ۾ انڌاڌنڌ فائرنگ ڪئي، جڏهن ته جوابدار پاڻ کي به گولي هڻي زخمي ڪيو، ايس ايس پي سائوٿ جو چوڻ آهي ته جوابدار ظهير پاڻ به اسپتال ۾ علاج هيٺ آهي.










