ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)پاڪستاني بحريه جمعي ڏينهن چيو ته هندستان جي ڪنهن به غلط مهم جوئي جو جواب ڏيڻ لاءِ مڪمل طور تي تيار آهي،پاڪستان نيوي مڪمل تيار آهي، پاڪستان نيوي واضح طور تي چيو آهي ته اها دشمن جي ڪنهن به غلط ڪم جو جواب ڏيڻ لاءِ تيار آهي.پاڪستان نيوي جي ترجمان چيو ته جيڪڏهن هندستاني نيوي بد نظر سان پاڪستان ڏانهن وڌي ته ان کي عربي سمنڊ ۾ ٻوڙي ڇڏينداسين،پاڪ بحريه جي ترجمان چيو آهي ته پاڪ فضائيه جنهن طريقي سان دشمن کي شڪست ڏني آهي ۽ هو پنهنجي ميڊيا کي پنهنجن جهازن جا تباهي ڏيکارڻ کان پاسو ڪري رهيو آهي، پاڪ فوج جو ٻيو ونگ پاڪستان نيوي به پنهنجون صلاحيتون ڏيکارڻ لاءِ تيار آهي،هوڏانهن نجي ٽي وي سان ڳالهائيندي صحافي طاهر عمران ميان چيو ته مان حيران آهيان ٽيليگراف اها رپورٽ ڪئين ڪري ورتي،نيوي اندر منهنجا ذريعا چون پيا اهڙو ڪجه ناهي، ياد رهي ته برطانوي اخبار دي گارڊين رپورٽ هندستان پنهنجو مغربي ٻيڙو ڪراچي جي ويجهو اتر عربي سمنڊ ويجهو مقرر ڪيو آهي هي ٻيڙو پاڪستاني ساحل کان 300 کان 400 ميل پري آهي، پاڪستان جي واپار جو 60 سيڪڙو ڪراچي جي بندرگاهه مان گذري ٿو، رپورٽ موجب ٻيڙي ۾ هوائي جهاز ڪيريئر، ڊسٽرائر، فريگيٽ ۽ آبدوز مخالف جهاز شامل آهن، جن مان ڪجهه برهموس سپرسونڪ ڪروز ميزائلن سان ليس آهن،اهي ميزائل، جزوي طور تي روسي ٺهيل،500 ميل پري تائين نشانو بڻائي سگهن ٿا. اخبار موجب ڀارت جي اهڙي عمل سان ٻنهي ايٽمي طاقتن وچ ۾ ڇڪتاڻ کي نئين بلندين تي وٺي ويو آهي ۽ ڀارت جي اهڙي عمل تي عالمي سطح تي ڳڻتي جي لهر ڇانيل آهي.رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته جهازن کي اهڙي هنڌ تي لڳايو ويو آهي جتان پاڪستان جي سڀ کان وڏي بندرگاهه ڪراچي کي نشانو بڻائي سگهجي ٿو










