شنڪر ۽ روبيو جي وچ ۾ رابطو، تڪرار گهٽائڻ تي زور

شنڪر ۽ روبيو جي وچ ۾ رابطو، تڪرار گهٽائڻ تي زور

واشنگٽن (ويب ڊيسڪ)آمريڪي پرڏيهي کاتي جي ترجمان موجب، هندستاني پرڏيهي وزير جئي شنڪر ۽ آمريڪي پرڏيهي وزير مارڪو روبيو جي وچ ۾ ٽيليفون تي ڳالهه ٻولهه ٿي. ترجمان موجب، مارڪو روبيو خطي ۾ تڪرار کي فوري طور تي گهٽائڻ جي ضرورت تي زور ڏنو ۽ پاڪستان ۽ ڀارت جي وچ ۾ سڌي طرح ڳالهين جي حمايت ڪئي. ترجمان موجب، مارڪو روبيو بهتر لاڳاپن کي فروغ ڏيڻ لاءِ ڪوششون جاري رکڻ تي پڻ زور ڏنو. ياد رهي ته آمريڪي پرڏيهي وزير اڳ ۾ پاڪستاني وزيراعظم شهباز شريف سان رابطو ڪيو هو.

پهنجو تبصرو موڪليو