بندرگاهن تي سيڪيورٽي هاءِ الرٽ، ٻيڙين کي سمنڊ ۾ وڃڻ تي پابندي

بندرگاهن تي سيڪيورٽي هاءِ الرٽ، ٻيڙين کي سمنڊ ۾ وڃڻ تي پابندي

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)پاڪستان ۽ ڀارت جي وچ ۾ ڇڪتاڻ کي نظر ۾ رکندي، پاڪستاني بندرگاهن تي سامونڊي سيڪيورٽي کي هاءِ الرٽ ڪيو ويو ۽ ٻيڙين کي سمنڊ ۾ وڃڻ کان روڪيو ويو، رپورٽ موجب ميري ٽائيم ذريعن ٻڌايو آهي ته ننڍين ۽ وڏين ٻيڙين جن ۾ مڇي مارڻ جون ٻيڙيون به شامل آهن کين سمنڊ ۾ وڃڻ کان منع ڪيو ويو آهي، ميري ٽائيم ذريعن جو چوڻ آهي ته بندرگاهن تي ڪمرشل جهازن جي آمد و رفت معمول مطابق جاري رهندي.سامونڊي ذريعن موجب حرڪت کي محدود ڪندي سيڪيورٽي کي بهتر بڻائڻ لاءِ سمنڊ ۾ ٻيڙين جي سفر تي پابندي لڳائڻ جو فيصلو ڪيو ويو.

پهنجو تبصرو موڪليو