شڪارپور (ن س)چڪ ڀرسان ڪچي واري علائقي ۾ شڪارپور ضلعي جر مختلف ٿاڻن جي پوليس جي چڙهائي،پوليس پاران فائر ڪيل ڊرون حملي ۾ شهيد صحافي جان محمد مهر جي قتل ڪيس جو مک جوابدار شيرل مهر مارجي ويو ،شيرل مهر جو پٽ گلڻ مهر ء سندس جي گهرواري زخمي ٿي پيا ،پوليس جي حملي ۾ سرور جتوئي جتوئي ء ٽن پوليس آفيسرن جي قتل ڪيس جو مک جوابدار نصر قادراڻي ساٿي سرور جتوئي سميت زخمي پڻ ٿي پيو،پوليس لاش کڻڻ لاءِ ڪچي ۾ رواني ٿي وئي،هوڏانهن ناصر شاهه ميڊيا ٽاڪ ۾ چيو آهي ته اسانجي خواهش هئي ته قاتل جيئرو گرفتار ٿئي ها پر مقابلي ۾ مارجي ويو. حڪومت جان محمد مهر جي پوئنرن سان قاتلن کي منطقي انجام تائين پهچائڻ جو واعدو پورو ڪيو آهي،ايس ايس پي شاهزيب چاچِڙ شهيد جان محمد مهر جي قاتل شيرو مهر جو لاش لکي غلام شاهه اسپتال پيل آهي، پوليس ۽ رينجرز جي گڏيل ڪارروائي دوران ڪاميابي ملي آهي.










