ايم ڪيو ايم کي شڪست،پ پ جو وقار مهدي سينيٽر منتخب

ايم ڪيو ايم کي شڪست،پ پ جو وقار مهدي سينيٽر منتخب

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)پاڪستان پيپلز پارٽي (پي پي پي) جي سينيٽر تاج حيدر جي وفات کان پوءِ سنڌ ۾ خالي ٿيل جنرل سينيٽ سيٽ تي ضمني چونڊ ٿي، غير سرڪاري نتيجن موجب پيپلزپارٽي اميدوار وقار مهدي 111 ووٽ کڻي سينيٽر چونڊجي ويو،جڏھن تھ ايم ڪيو ايم جي نگهت مرزا 36 ووٽ کنيا، پولنگ دوران 149 ووٽ ڪاسٽ ٿيا،2ووٽ رد ڪيا ويا، 3ووٽ ڪاسٽ نه ٿي سگهيا،اليڪشن ڪمشنر سنڌ اعجاز انور چوهاڻ موجب سنڌ اسيمبلي کي پولنگ اسٽيشن بڻايو ويو آهي، جنهن ۾ پيپلز پارٽي جو وقار مهدي ۽ ايم ڪيو ايم جي نگهت مرزا اميدوار ھئا،سنڌ اسيمبلي ۾ پولنگ جو عمل صبح 9 وڳي شروع ٿيو، شام 4 وڳي تائين بنا ڪنهن وقفي جي جاري رھيو،سنڌ اسيمبلي جي سيڪريٽري موجب، سينيٽ چونڊن ۾ 161 ميمبر پنهنجي ووٽنگ جو حق استعمال ڪيو،وڏي وزير سيد مراد علي شاھھ پاران وقار مھدي کي سينيٽر چونڊجڻ تي مبارڪباد ڏني

پهنجو تبصرو موڪليو