ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)ڪراچي جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت ايندڙ ٻڌڻي تي شاهدن کي پيش ڪرڻ جو حڪم ڏنو. ڪراچي جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت ۾ 12 مئي سانحي ڪيس جي ٻڌڻي ٿي. ٻڌڻي دوران ايم ڪيو ايم اڳواڻ وسيم اختر، عمير صديقي ۽ ٻيا جوابدار پيش ٿيا. پراسيڪيوشن عدالت کي ٻڌايو ته جوابدار خلاف 2007 ۾ ايئرپورٽ پوليس اسٽيشن ۾ ڪيس داخل ڪيو ويو هو. عدالت جوابدار ذاڪر جي هڪ ڏينهن جي حاضري کان ڇوٽ جي درخواست منظور ڪري ورتي. عدالت ڪيس جي ٻڌڻي 17 مئي تائين ملتوي ڪري ڇڏي.










