ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) غيرقانوني ڪمن ۾ ملوث 15 ايس ايڇ اوز سميت 50 پوليس عملدار معطل، آء جي سنڌ جي ھدايتن بعد پوليس کاتي ۾ ڪارين رڍن خلاف ڪاروايون جاري آھن، ڪراچي جي ٻن ٿاڻن جي ايس ايچ او سميت سکر ۽ لاڙڪاڻي ۽ ميرپورخاص رينج جي 50 پوليس آفيسرن ۽ اھلڪارن کي معطل ڪري بي ڪپني رپورٽ ڪرايو ويو آهي، ايس ايچ او سرجاني ٽائون غلام حسين پيرازادو، ايس ايچ او رضويہ سب انسپيڪٽر وقار قيصر معطل ڪيا ويا، معطل ٿيلن ۾ انسپيڪٽر عبدالغفور ڇٽو، انسپيڪٽر مزمل سومرو، سب انسپيڪٽر مزار خان مھر ، انسپيڪٽر فدا مروت، انسپيڪٽر اسد اللہ پھنيار، انسپيڪٽر گل محمد مھر، انسپيڪٽر الله دين ڦلپوٽو، انسپيڪٽر محمد ابراھيم سومرو، انسپيڪٽر شوڪت علي آرائين ۽ اي ايس آء عبدالساجد به شامل آهن، پوليس آفيسرن ۽ اهلڪارن کي مختلف ڏوھن ۾ ملوث ھجن جي الزام ۾ ھٽائي بي ڪمپني رپورٽ ڪيو ويو










