حيدرآباد ۽ نوابشاهه ۾ انٽر بورڊ جا ساليانا امتحان شروع

حيدرآباد ۽ نوابشاهه ۾ انٽر بورڊ جا ساليانا امتحان شروع

حيدرآباد (ن س )حيدرآباد ۽ نوابشاهه ۾ يارهين ۽ ٻارهين درجي جا ساليانا امتحان شروع ٿي ويا آهن.امتحان ڪنٽرولر موجب، امتحان حيدرآباد، ڄامشورو، مٽياري، ٽنڊو محمد خان، بدين، ٺٽو ۽ دادو سميت 9 ضلعن ۾ ورتا پيا وڃن.هن چيو ته امتحانن ۾ 129,904 شاگرد ۽ شاگردياڻيون حصو وٺي رهيا آهن، جن لاءِ 214 امتحاني مرڪز قائم ڪيا ويا آهن.ٻئي طرف، تعليمي بورڊ شهيد بينظير آباد جي تحت يارهين ۽ ٻارهين درجي جا امتحان پڻ شروع ٿي ويا آهن.ان حوالي سان، تعليمي بورڊ جي چيئرمين جو چوڻ آهي ته سانگهڙ، نوشهروفيروز ۽ بينظير آباد مان 82,000 اميدوار امتحان ڏئي رهيا آهن.چيئرمين چيو ته ڊويزن ۾ 123 امتحاني مرڪز قائم ڪيا ويا آهن جڏهن ته 20 ويجيلنس ٽيمون ٺاهيون ويون آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو