ڄامشورو (ن س )ڄامشورو ۾ تيز هوائن ۽ طوفان سبب حيسڪو ريجن ۾ 300 کان وڌيڪ فيڊر ٽرپ ٿي ويا آهن.فيڊر ٽرپ ٿيڻ سبب حيدرآباد شهر سميت مختلف علائقن ۾ بجلي بند آهي، جنهن ڪري شهرين کي تڪليف ٿي رهي آهي.حيسڪو ترجمان موجب فيڊرز جي بحالي جو ڪم جاري آهي، 150 کان وڌيڪ فيڊرز بحال ڪيا ويا آهن. تيز هوائن سبب ٽاور ڪرڻ سبب بولا خان ۽ احمد خان گرڊ اسٽيشنن کي بجلي جي فراهمي پڻ معطل ٿي وئي آهي.










