ميرواھ (ن س)پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري، ميرواهه گورچاڻي ڀرسان ڳوٺ کنڀڙي ۾ ٻوڏ متاثر خاندانن ۾ سنڌ پيپلز هائوسنگ فار فلڊ افيڪٽيز پروگرام تحت تعمير ٿيل گهرن جا مالڪي سرٽيفڪيٽ ورهايا.ميرواھ گورچاڻي ڀرسان ڳوٺ کنڀڙي ۾ پيپلزپارٽي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري، سنڌ جو وڏو وزير سيد مراد علي شاهه، صوبائي وزير ثقافت سيد ذوالفقار علي شاهه، صوبائي وزير داخلا ضياء الحسن لنجار، ايم اين اي مير منور ٽالپر، وڏي وزير جو صلاحڪار جنيد بلند، ايم پي اي حاجي نور احمد ڀرڳڙي، سهيل انور سيال، ضلعي ڪائونسل جو چيئرمين مير انور ٽالپر، ڊويزنل ڪمشنر فيصل احمد عقيلي، ڊپٽي ڪمشنر ڊاڪٽر رشيد مسعود خان، ڊي آءِ جي زبير، ايس ايس پي ڊاڪٽر سمير نور چنا يوسي کنڀڙي جو چيئرمين محمد خان لغاري ۽ ٻيا لاڳاپيل آفيسر پڻ موجود هئا.تقريب کي خطاب ڪندي بلاول ڀٽو زرداري چيو ته:”سنڌ سرڪار جي پيپلز هائوسنگ فار فلڊ افيڪٽيز پروگرام تحت سڄي سنڌ ۾ 20 لک کان وڌيڪ خاندانن کي گهرن جا مالڪي حق ڏنا پيا وڃن. هي منصوبو دنيا جو سڀ کان وڏو رهائشي منصوبو آهي، جنهن جو مقصد ٻوڏ متاثر غريب خاندانن کي معاشي طور تي مضبوط ڪرڻ ۽ کين پنهنجي مستقل رهائش فراهم ڪرڻ آهي، جيئن اهي گهر پنهنجي ايندڙ نسلن تائين منتقل ڪري سگهن.










