مقصودو رند ڀرسان روڊ حادثو،موٽرسائيڪل سوار فوت

مقصودو رند ڀرسان روڊ حادثو،موٽرسائيڪل سوار فوت

شھدادپور(ن س)شھدادپور ويجھو مقصودو رند ڀرسان گل حسن ڪيريو ڪاٽن فيڪٽري وٽ تيز رفتار موٽر سائيڪل ۽ ڊاٽسن ۾ آمھون سامھون ٽڪر, نتيجي ۾ موٽر سائيڪل سوار فوت, پوليس ڊاٽسن تحويل ۾ وٺي جاچ شروع ڪري ڇڏي، شھدادپور ويجھو مقصودو رند ڀرسان گل حسن ڪيريو ڪاٽن فيڪٽري وٽ موٽر سائيڪل ۽ ڊاٽسن ۾ آمھون سامھون زوردار ٽڪر ٿي پيو, ٽڪر جي نتيجي ۾ موٽر سائيڪل سوار ڳوٺ حاجي رند واسي مال جو واپاري الھڏنو رند ٿڏي تي فوت ٿي ويو, جنهن کي علائقي واسين شھدادپور جي سمس اسپتال پھچايو جتي ڊاڪٽرن سندس فوت ٿيڻ جي تصديق ڪري قانوني گھرجون پوريون ڪرڻ بعد فوتي جو مڙھ وارثن حوالي ڪيو, وارثن مڙھ کي ڳوٺ حاجي رند کڻائي ويا, مڙھ گھر پھچڻ تي ڪھرام متل ھو, ھوڏانھن پوليس واقعي واري ھنڌ پھچي ڊاٽسن کي پنهنجي تحويل ۾ وٺي وڌيڪ جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي,

پهنجو تبصرو موڪليو