سجاول (ن س): صوبائي وزير لائيو اسٽاڪ ۽ فشريز محمد علي ملڪاڻي چوھر جمالي شھر جو اوچتو دؤرو ڪري مختلف ترقياتي اسڪيمن جي هلندڙ ڪم جو جائزو ورتو، ڊپٽي ڪمشنر سجاول زاهد حسین رند پڻ ساڻس گڏ هو. ان موقعي تي صوبائي وزير لاڳاپيل عملدارن کي هدايت ڪئي ته شهر جي مين ڊبل روڊ ۽ ڊرينيج نالي جي تعمير سميت رورل گروٿ سينٽر تحت هلندڙ واٽر سپلاءِ اسڪيم جو رهيل ڪم جلد مڪمل ڪيو وڃي ته جيئن شهرين کي آمد رفت ۽ ٻين بهتر سهولتن جي فراهمي کي يقيني بڻائي سگهجي. هن چيو ته فلٽر پلانٽ جو ڪنيڪشن پڻ جلد مڪمل ڪيو وڃي ته جيئن شهرين کي پيئڻ جو صاف پاڻي فراهم ٿي سگهي. هن چيو ته هلندڙ ترقياتي منصوبن جي معيار جو خاص خيال رکيو، غير معياري مٽيريل جي استعمال تي ڪوبه سمجهوتو نه ڪيو ويندو. صوبائي وزير محمد علي ملڪاڻي پاران شهر جي خوبصورتي کي نظر ۾ رکندي واپاري اڳواڻن، مقامي چونڊيل نمائندن ۽ معزز شهرين سان مشاورت بعد شهر جي ٻنهي پاسن کان 18-18 فوٽ روڊ جي تعمير ۽ بجلي جا نوان پول لڳائڻ لاء حد دخليون هٽائڻ بابت هدايتون جاري ڪيو ويون. هن لاڳاپيل عملدارن کي هدايت ڪئي ته ال هارون هوٽل کان جمن چانڊيو ڪلينڪ تائين نئين ڊرينيج سسٽم جي قيام لاءِ پڻ جوڳا اُپاء ورتا وڃن ته جيئن برساتن دوران اُتي بيهندڙ پاڻي جي نيڪال جو مستقل حل ٿي سگهي. صوبائي وزير چيو ته سنڌ حڪومت پاران عوام کي گهربل بنيادي سهولتون فراهم ڪرڻ لاءِ ڏينهن رات ڪوششون ورتيون پيون وڃن. ان موقعي تي اسسٽنٽ ڪمشنر شاهبندر ڊاڪٽر زاهد حسين ميراڻي کان علاوه لوڪل گورنمينٽ، پبلڪ هيلٿ انجنيئرنگ، حيسڪو ۽ ٻيا واسطيدار عملدر، مقامي چونڊيل نمائندا، واپاري اڳواڻ ۽ علائقي جا معززين پڻ موجود هئا.










