آرمي ۾ بطور ريگيولر ڪميشن حاصل ڪرڻ لاءِ شيڊول جاري

آرمي ۾ بطور ريگيولر ڪميشن حاصل ڪرڻ لاءِ شيڊول جاري

گهوٽڪي(ڊ_ر)پاڪ آرمي ۾ بطور ريگيولر ڪميشن آفيسر شموليت اختيار ڪرڻ لاءِ شيڊول جاري، 156 پي ايم اي لانگ ڪورس تحت پهرين جون 2025 تائين رجسٽريشن جاري رهندي. خبر موجب آرمي سليڪشن اينڊ ريڪروٽمينٽ سينٽر پنوعاقل جي ميجر فزيولوجسٽ ڪومل عندليب هڪ پڌرائي جاري ڪري ڄاڻايو آهي ته 17 کان 22 سالا نوجوان 156 پي ايم اي لانگ ڪورس تحت پهرين جون 2025 تائين ريگيولر ڪميشن آفيسر لاءِ پاڪ آرمي جي ويب سائيٽ www.joinpakarmy.gov.pk تي آن لائين رجسٽريشن حاصل ڪري سگهن ٿا وڌيڪ تفصيل لاءِ آرمي سليڪشن اينڊ ريڪروٽمينٽ سينٽر پنوعاقل جي فون نمبرن 0715805599 يا 03062372447 تي پڻ رابطو ڪري سگهجي ٿو

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو