ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ حڪومت پيپلز پنڪ ۽ نارمل ٽيڪسي سروس شروع ڪري ڇڏي. سنڌ حڪومت عوامي ٽرانسپورٽ جي نظام ۾ هڪ ٻيو انقلابي قدم کڻڻدي پيپلز پنڪ ۽ اينڊ نارمل ٽيڪسي سروس جي باقاعدي شروعات ڪري ڇڏي. سنڌ سماءَ واري وزير شرجيل ميمڻ پنهنجي بيان ۾ چيو ته پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي رهنمائي ۾ نئين سروس شروع ڪئي وئي آهي. هن ايڪس تي ٽوئيٽ ۾ لکيو ته منصوبي جو مقصد عورتن کي بااختيار، سفر کي محفوظ بڻائڻ ۽ صوبي ۾ ماحول دوست ٽرانسپورٽ کي هٿي ڏيڻ آهي. سندس چوڻ هو ته سنڌ حڪومت ٽرانسپورٽ نظام کي جديد بڻائڻ ۽ سڀني طبقن لاءِ برابر موقعا پيدا ڪرڻ لاءِ پرعزم آهي.










