سکر (بيورو رپورٽ) سکر جي علائقي ٻٻرلوءِ ۾ وڪيلن جي نمائندگي ڪاميٽي جو هڪ اهم اجلاس منعقد ٿيو، جنهن کان پوءِ سينيئر وڪيل اڳواڻ عامر نواز وڙائچ ۽ سرفراز ميتلو هڪ گڏيل پريس ڪانفرنس ۾ ڌرڻو ختم ڪرڻ جو اعلان ڪيو. اجلاس دوران وڪيلن حڪومت جي طرفان ڪيل وعدن تي اطمينان جو اظهار ڪيو ۽ اهو فيصلو ڪيو ويو ته وڪيل برادري پنهنجو احتجاجي ڌرڻو ختم ڪري ڇڏيندي.وڪيل اڳواڻن چيو ته ڇن ڪينالن بابت سرڪاري سطح تي نوٽيفڪيشن جاري ٿيڻ کانپوءِ وڪيلن برادري ڌرڻو ختم ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي. هنن وضاحت ڪئي ته نوٽيفڪيشن ۾ شامل سڀئي نڪتا وڪيلن جي خدشن مطابق آهن، جنهن کانپوءِ اهو فيصلو ڪيو ويو آهي ته ڌرڻو ختم ڪيو وڃي.پريس ڪانفرنس دوران سينيئر وڪيل اڳواڻن ٻڌايو ته حڪومت 7 مئي تائين لاڳاپيل قانوني دستاويز فراهم ڪرڻ جي يقيندهي ڪئي آهي. انهن دستاويزن ۾ وڪيلن جي قانوني ۽ پيشه ورانه حقن سان لاڳاپيل سڀني معاملن جي تفصيل شامل هوندي، جنهن تي وڪيل ڪاميٽي اطمينان جو اظهار ڪيو.پريس ڪانفرنس دوران وڪيل اڳواڻن پاڪستان ۽ ڀارت جي وچ ۾ ڇڙيل ڇڪتاڻ بابت پڻ پنهنجا خيالات ظاهر ڪيا. هنن واضح طور تي چيو ته ملڪ جي خودمختياري ۽ سلامتي تي ڪنهن به قسم جو سمجھوتو ڪنهن صورت ۾ قبول نه ڪيو ويندو. وڪيلن اهو عزم ظاهر ڪيو ته هو پنهنجي ملڪ جي مفادن جي تحفظ لاءِ هر ممڪن قدم کڻندا.وڪيل اڳواڻن زور ڏنو ته حڪومت سان ڪيل وعدن جي پوري ٿيڻ تائين وڪيل برادري جي نگراني ۽ سرگرم ڪردار جاري رهندو. هنن اميد ظاهر ڪئي ته مستقبل ۾ اهڙن مسئلن جي ٻيهر نشاندهي نه ٿيندي ۽ وڪيلن جي حقن جو مڪمل تحفظ ڪيو ويندو.آخرڪار وڪيل اڳواڻن پنهنجي ساٿين وڪيلن کان اپيل ڪئي ته هو ڌرڻو ختم ڪري پنهنجي پيشه ورانه ڪم ۾ واپس اچي وڃن. انهن چيو ته “ملڪ جي سياسي ۽ قانوني صورتحال کي نظر ۾ رکندي اتحاد جي ضرورت آهي ته جيئن سڀني مسئلن جو حل ڳالهين ذريعي ڳولي سگهجي. صوبائي گهرو، قانون ۽ پارلياماني معاملن واري وزير ضياءُ الحسن لنجار، ٻٻرلوء ڌرڻي جي وڪيل ڪاميٽي سان ڳالهيون ڪرڻ کانپوءِ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو آهي ته اسين وڪيل ڪاميٽي سان ڳالهيون ڪرڻ لاءِ آيا آهيون، ڌرڻو ختم ڪرڻ جي اپيل ڪئي آهي، ماڻهو چون پيا ته پي پي صرف لالي پاپ ڏئي رهي آهي انهن کي سمجهايو ته ائين ناهي اميد آهي ته وڪيل دوست منهنجي اپيل تي ڌرڻو ختم ڪندا ضلع ڪائونسل سکر جي چيئرمين ڪميل شاهه سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي صوبائي وزير ضياءُ لنجار چيو ته وڪيلن جا ڪجهه خدشا آهن اسان ائين نه ٿا چئي سگهون ته اهي صحيح يا غلط آهن هن چيو ته درياءِ سنڌ تي ٺهندڙ ڪئنال اتفاقِ راءِ کانسواءِ قبول ناھين چيئرمين ۽ وزيرِاعليٰ هي معاملو سي سي آءِ (C.C.I) ۾ کڻي ويا تڏهن وڃي معاملو ختم ٿيو صوبائي وزير ضياءُ لنجار چيو ته جيڪڏهن سي سي آءِ ڪنهن منصوبي جي منظوري نه ڏئي ته اهو منصوبو پاڻمرادو ختم ٿي ويندو پهريان وڪيل اڳواڻ چون پيا ته ڪئنالن جو نوٽيفڪيشن ڏيو پر هاڻ انهن جا ٻيا مسئلا آهن ڌرڻي بابت مونکي اميد آهي ۽ يقين به آهي ته وڪيل اسانجي ڳالهه مڃيندا ڀارت سان به مسئلو هلي رهيو آهي ملڪ جي بقا ٿيندي ايتري تڪراري صورتحال ۾ هي ڌرڻو ختم ٿيڻ گهرجي سي سي آءِ جي منٽس ۾ اهو منصوبو رد ٿي چڪو آهي وڪيل ڪاميٽي کي چيو آهي ته ڪارپوريٽ فارمنگ منصوبي تي اسان کان بريفنگ وٺندا اسان کي ڪريڊٽ نه گهرجي، اسان صرف چاهيون ٿا ته ڌرڻو ختم ٿئي هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته منهنجي خيال ۾ منهنجو لائسنس منسوخ نه ٿيو آهي رڳو ڪنهن جي چوڻ سان وڪيل جو لائسنس رد نه ٿو ٿي سگھي ان جو هڪ قانوني طريقيڪار هوندو آهي










